سنڌ جي انفارميشن، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي کاتي (آئي ايس ٽي ڊي) ۽ ھزا انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجيءَ پاران صوبي جي سرڪاري يونيرسٽين جي 300 کان وڌيڪ شاگردن کي آئي ٽي جي مختلف مضمونن ۾ تربيت ڏين جي رٿابندي ڪئي وئي آھي، جنھن ھيت ھر ڪامياب شاگرد کي يقيني روزگار ملندو.
ان پروگرام جي شروعات بينظير ڀٽو يونيورسٽي لياري ۾ ھڪ افتتاحي تقريب سان ڪئي وئي، جنھن جي صدارت آئي ايس ٽي کاتي لاءِ وڏي وزير جي صلاحڪار تنزيلا امي حبيبا ڪئي.
تقريب ۾ ھزا انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجيءَ جي ايم ڊي اظھر سنڌو، يونيورسٽيءَ جي وائس چانسلر ڊاڪٽر امجد سراج، آئي ايس ٽي کاتي جي سيڪريٽري سميت مختلف سافٽ ويئر ڪمپنين جي سربراھن ۽ يونيورسٽيءَ جي فيڪلٽي ۽ سوين شاگردن شرڪت ڪئي.
وڏي وزير جي صلاحڪار تنزيلا امي حبيبا چيو تہ ھن پروگرام ۾ آئي ٽي جي انھن اسڪلز يا ھنرن کي شامل ڪيو ويو آھي جن کي سکڻ لاءِ ڪافي پئسا خرچ ٿيندا آھن پر اسان اھي اسڪلز يونيورسٽين ۾ کڻي آيا آھيون. اسانجي نوجوانن ۾ ڀرپور صلاحيت موجود آھي پر انھن کي پاڻ کي ثابت ڪرڻو آھي.
ھن چيو تہ ھي برج پروگرام آھي جنھن ھيٺ انڊسٽري ۽ تعليمي ادارن کي ويجھو آندو ويو آھي ان مان فائدو حاصل ڪرڻ شاگردن جي ھٿ ۾ آھي ھاڻي ڪوبہ ماڻھو اھو مھڻو نہ ڏيندو تہ اھي اسڪلز نہ ٿا سيکاريا وڃن.
ھن چيو تہ لياريءَ مان شروع ٿيل ھن پروگرام جي روشني سڄي سنڌ م ڦھلجندي ۽ سڄي سنڌ جا شاگرد انمان فائدو حاصل ڪندا.
ھزا انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجيءَ مينيجنگ ڊائريڪٽر اظھر سنڌوءَ چيو تہ تربيت مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ھر شاگرد سڌو نوڪريءَ تي لڳندو پر ٽيسٽ پاس ڪرڻ لازمي شرط ھوندو آھي. ھن پنھنجو مثال ڏيندي چيو تہ اسان 100 ڊالرن کان شروع ڪري ھڪ ڪروڙ 50 لک ڊالرن کي پھتاسين پر ان پويان لاڳيتي محنت شامل آھي جيڪا ھن پروگرام ۾ شاگردن کي ڪرڻي پوندي.
يونيورسٽيءَ جي وائس چانسلر ڊاڪٽر امجد سراج چيو تہ ھنجو تجربو ٻڌائي تو تہ انڊسٽري ۽ تعليمي ادارن وچ ۾ فاصلو آھي جنھن کي ختم ڪرڻو پوندو. ھن چيو تہ سندس اداري ۾ آئي ٽي ليب جي ضرورت آھي جيڪا پوري ڪئي وڃي.
پروگرام جا تفصيل ٻڌائيندي ڊاڪٽر امجد خان چيو تہ پروگرام ۾ شامل ٽريننگز عالمي سطح جون آھن جن کي شاگردن لاءِ جوڙيو ويو آھي. ھن وقت يونيورسٽين ۾ شاگردن کي ملندڙ تربيت جو معيار گهٽ آھي. نوڪريون حاصل ڪرڻ لاءِ مارڪيٽ ۾ گهربل اعلي معيار جي تربيت گهربل آھي جنھن بعد ئي نوجوانن کي روزگار ملندو.
ھي پروگرام 18 ھفتن تي مشتمل آھي جنھن ۾ 80 سيڪڙو پريڪٽيڪلز ۽ 20 سيڪڙو پڙھائي شامل آھي. اھا تربين آئي ٽي ڪمپنين جا ماھر ڏيندا جيڪا 16 سيشنز تي ٻڌل آھي.
ان پروگرام لاءِ سنڌ جي 16 يونيورسٽين شريڪ ٿيڻ لاءِ راضپو ڏيکاريو آھي جن ۾ ھر بيچ 40 شاگردن تي ٻڌل ھوندي.
آئي ٽي کاتي جي سيڪريٽري چوي تہ پروگرام جو مقصد نوجوانن ۾ سيڙپ ڪرڻ آھي ڇو تہ ملڪ جي آباديءَ جو 60 سيڪڙو نوجوانن تي ٻڌل آھي. ان سان ھڪ تہ انڊسٽري جو تعليمي ادارن سان ڳانداپو ٿيندو جنھن سان شاگردن کي جاب مارڪيٽ لاءِ ھنر ملندو جنھن سان ملڪ جي ايڪسپورٽ ۾ اضافو ٿيندو.
سيد ذوالفقار علي جيڪو ھڪ آئي ٽي ڪمپنيءَ جو سربراھ آھي تنھن جو چوڻ ھو تہ ھي پروگرام ملڪ جي آئي ٽي ايڪسپورٽ وڌائڻ ۾ مددگار ٿيندو جيڪا ھن وقت تمام گهٽ آھي.
ھن چيو تہ ڀارت جي آئي ٽي ايڪسپورٽ 149 ارب ڊالر آھي جيڪا سعودي عرب جي تيل جي 161 ارب ڊالرن جي ايڪسپورٽ کان بہ وڌيڪ آھي. ھن ڀيٽ ڪندي چيو تہ ڀارت جي ڪل آبادي اٽڪل ڏيڊ ارب آھي جڏھن تہ پاڪستان جي آبادي انجي 16 ڏھائي 5 سيڪڙو برابر آھي ۽ اسانکي ان نسبت سان آئي ٽي ايڪسپورٽ ۾ 24 ارب ڊالرن کي پھچڻ گهرجي پر اسان جي ايڪسپورٽ صرف 2 ارب ڊالر آھي. اسان جيڪڏھن پنھنجي آباديءَ جي 2 سيڪڙو نوجوانن کي تربيت ڏيون تہ اسانجي ايڪسسپورٽ 24 ارب ڊالرن کي پڄي سگهي ٿي.