آءِ ايم ايف، تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي گرفتاريءَ تي تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ترجمان جو چوڻ آهي ته پاڪستان سان قرض واري معاملي تي ڳالهيون جاري آهن، پاڪستان پئٽرول تي سبسڊي نه ڏيڻ جي خاطري ڪرائي آهي.
آءِ ايم ايف، عمران خان جي گرفتاريءَ تي تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪندي چيو ته پاڪستان کان قرض جي واپسي جي طريقيڪار تي اعتماد ۽ معاشي پاليسي تي عمل ڪرڻ جي خاطري گهري آهي جڏهن ته سستو پيٽرول اسڪيم شروع نه ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
آءِ ايم ايف جي ترجمان پاڪستان جي صورتحال تي عالمي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان سان قرض پروگرام تي ڳالهيون هلي رهيون آهن، پاڪستان سان قرض پروگرام جون 2023ع ۾ ختم ٿي ويندو، موجوده قرض پروگرام تحت پاڪستان کي 2 ڏهائي 6 ارب ڊالر ڏنا آهن.
هن چيو ته هو پاڪستان کان قرض جي واپسي جي طريقيڪار تي اعتماد ۽ معاشي پاليسي تي عمل ڪرڻ جي خاطري چاهن ٿا.
سندس چوڻ هو ته نائين جائزي اجلاس لاءِ اسٽاف ليول معاهدو آءِ ايم اي جو مقصد آهي، پاڪستان 2019ع ۾ 6 ڏهائي 7 ارب ڊالر قرض جو معاهدو ڪيو هو.
آءِ ايم ايف جي ترجمان چيو ته هو تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي گرفتاريءَ تي ڪوبه بيان ڏيڻ نٿا چاهن..