تازه ترين

آءِ ايم ايف سان معاھدي جو ٽائيم فريم يا ڪاٿو وڌائن جي درخواست نھ ڪنداسين: ناڻي واري نگران وفاقي وزير شماد اختر

ناڻي واري نگران وفاقي وزير شماد اختر چيو آھي تھ آءِ ايم ايف سان معاھدي جو ٽائيم فريم يا ڪاٿو وڌائن جي درخواست نھ ڪنداسين.

ھن چيو تھ ھو جائزي جي ڪارروائي ڪاميابي سان مڪمل ٿيڻ بعد پرڏيھي فنانسگ گيپ کي ڀرڻ جو مشورو ڏيندا.

پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي اختيارين وچ ۾ اسٽاف ليول معاھدي لاءِ ٽي ارب ڊالر جي ايس بي اي پروگرام تحت اسٽاف ليول ڳالھيون 2 نومبر کان جاري آھن ۽ ان حوالي سان ڳالھيون 15 نومبر تائين مڪمل ٿي وينديون.

ماھرن جو چوڻ آھي تھ جيڪڏھن عالمي سطح تي وياج جي شرح خاص طور تي امريڪا ۾ گھٽ ھوندي آھي تھ ۽ عالمي منڊي ۾ تيل جون قيمتون گھٽ ٿينديون آھن ان سان حڪومت کي سک جو ساھھ کڻڻ جو موقعو ملندو آھي ٻي صورت ۾ فنانسنگ جو دٻاءُ ھڪ سنگين خبرو بڻجي سگھي ٿو.

ناڻي واري وزير ڊاڪٽر شمشااد اختر ۽ آءِ ايم ايف جي مشن چيف ناٿن پورٽر ھلندڙ ھفتي دوران پنھنجي پنھنجي ڌر جي قيادت ڪئي ۽ ان کانسواءِ ڌار ملاقات ڪئي.

ڊاڪٽر شمشاد اختر ٻڌايو تھ آءِ ايم ايف سان اسٽينڊ باءِ معاھدي جي پروگرام جو ٽائيم فريم مارچ مان وڌائي جون 2024 تائين ڪراڻ ۽ ڪاٿو 3 ارب ڊالر مان وڌائي 3.5 تائين ڪيل درخواست جو ڪو امڪان نھ آھي

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
10.6 ° C
10.6 °
10.6 °
17 %
1.7kmh
40 %
آچر
16 °
سُومر
15 °
اڱارو
15 °
اربع
15 °
خميس
14 °

تازه ترين خبرون