آءِ ايم ايف نئين قرض پروگرام لاءِ پاڪستان کان ڊو مور جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
آءِ ايم ايف جي ماهرن، پاڪستاني اختيارين سان مشڪل ترين ورچوئل ڳالهيون ڪيون.
آءِ ايم ايف چئني صوبن جي نمائندن سان ورچوئل ڳالهيون ڪيون.
آءِ ايم ايف جي ماهرن هر صوبائي حڪومت سان ڌار ڳالهيون ڪيون، ورچوئل ڳالهين ۾ ناڻي واري وزارت جا وفاقي ۽ صوبائي آفيسر شامل هئا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف پاڪستان کان زراعت تي انڪم ٽيڪس اوڳاري بهتر بڻائڻ جو مطالبو ڪيو، چئني صوبن زرعي انڪم ٽيڪس تي آءِ ايم ايف جو مطالبو مڃي ورتو ۽ زرعي آمدني تي ٽيڪس اوڳاڙي جو پلان تيار ڪرڻ لاءِ ٻن ڏينهن جو وقت طلب ڪئي.
ذريعن موجب، چارئي صوبائي حڪومتون 12 جولاءِ تائين پلان جمع ڪرائينديون، زرعي آمدني تي انڪم ٽيڪس جي شرح هر سال 6 لک رپين کان وڌيڪ آمدني تي لاڳو ٿيندي، زرعي آمدن تي انڪم ٽيڪس جو ريٽ به نارمل انڪم ٽيڪس جي حساب سان هوندو، زرعي آمدن تي وفاق ۽ صوبا هڪ پيج تي اچي ويندا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته زرعي آمدن تي صوبن، آءِ ايم ايف کي ڀرپور سهڪار جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي.
ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب، خيبرپختونخوا حڪومت به آءِ ايم ايف سان هاڪاري ڳالهيون ڪيون، آءِ ايم ايف ڪي پي جي هڪ سئو ارب رپيا سرپلس بجيٽ کي ساراهيو.