آءِ ايم ايف وياج جي شرح ۾ ھڪ ڀيرو ٻيھر واڌ ڪرڻ لاءِ زور ڀريو آھي.
آءِ ايم ايف ھڪ ڀيرو ٻيھر پاڪستان تي وياج جي شرح ۾ واڌ جو زور ڀريندي چيو آھي تھ مھانگائي تي ضابطو آڻڻ لاءِ پاليسي ريٽ وڌائڻ جي ضرورت آھي.
عالمي اداري موجب ھلندڙ مالي سال ۾ پاڪستان ۾ مھانگائي جي شرح 27 سيڪڙو رھڻ جو امڪان آھي.
آءِ ايم ايف طرفان مڊل ايسٽ ۽ ايشيا جي علائقائي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آھي، رپورٽ ۾ معاشي ترقي جي رفتار وڌي 3.5سيڪڙو تائين وڃڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آھي.
آءِ ايم ايف پاڪستان ۾ وياج جي شرح وڌائڻ تي زور ڀريندي چيو تھ مھانگائي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ پاليسي ريٽ ۾ واڌ جي ضرورت آھي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آھي تھ پاڪستان، مصر ۽ تيونس ۾ مھانگائي ۾ واڌ جاري آھي، مھانگائي جي گھڻي دٻاءَ وارن ملڪن کي سخت مانيٽري پاليسي اختيار ڪرڻي پوندي.