آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ طرفان ڪچي ۾ ڌاڙيلن کي چٿڻ لاءِ وڏي پئماني تي آپريشن شروع ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ڪچي ۾ ڏوهارين کي چٿڻ لاءِ پنجاب پوليس سان گڏجي آپريشن ڪيو ويندو، سنڌ ۽ پنجاب جي وڏي وزير جديد هٿيارن جي خريداري لاءِ گهرو وزارت کي خط لکي ڇڏيو آهي، عورتاڻي آواز تي هرکائي ماڻهو اغوا ڪرڻ کانپوءِ وڊيو وائرل ڪرڻ شرم جوڳو عمل آهي، پروفيسر اجمل ساوند جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو.
آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ طرفان رونتي جي ڪچي واري علائقي جو دورو ڪيو، جتي هن بچاءَ بند تي ٺهندڙ نين 60 پوليس چوڪين جو افتتاح ڪري ڪم جو جائزو ورتو.
ان موقعي تي ڳالهائيندي آءِ جي سنڌ چيو ته هٿيار خريد ڪرڻ لاءِ گهرو وزارت کي خط لکيو آهي، جيئن ئي هٿيار ايندا ته هو ڏوهارين خلاف آپريشن ڪندا.
هن چيو ته نيون پوليس چوڪيون ٿيڻ سان ڏوهارين جي چرپر محدود ڪئي وئي آهي، پنجاب جي ڪچي راجنپور ۽ رونتي جي ۾ ڏهارين جا مختلف ٽولا موجود آهن، جيڪي ماڻهن هني ٽريپ ذريعي اغوا ڪري قيد ڪن ٿا.
آءِ جي سنڌ چيو ته مغوين مٿان تشدد ڪري سندن ميڊيا تي اپلوڊ ڪيون وڃن ٿيون، جيڪو شرم جوڳو عمل آهي، قبيلائي جهيڙي ۾ ڏوهاري ماڻهو ملوث آهن، پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند جي قتل ملوث اٺن جوابدرن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.
غلام نبي ميمڻ چيو ته ڪچي ۾ پنجاب پوليس جي مدد سان حڪمت عملي تحت آپريشن شروع ڪيو ويندو
هوڏانهن آءِ جي سنڌ اوٻاوڙي ۾ شهيد پوليس اهلڪار عبدالرزاق ملڪ جي وارثن سان ملاقات ڪري تعزيت ڪئي.