آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي پليئرز جي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي، بابر اعظم ۽ محمد رضوان پهريون نمبر ماڻڻ لاءِ سوريا ڪمار ياديو جي ويجهو پهچي ويا.
ڀارت جو بيٽر سوريا ڪمار 906 پوائنٽس سان گڏ پهرين نمبر تي موجود آهي، جڏهن ته محمد رضوان 811 پوائنٽس سان گڏ ٻئي ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم 755 پوائنٽس سان گڏ ٽئين نمبر تي موجود آهن.
محمد رضوان ۽ بابر اعظم کي نيوزيلينڊ خلاف پنج ميچن جي سيريز ۾ پوائنٽس بهتر بڻائڻ جو موقعو ملندو.
ٽي ٽوئنٽي بالرن جي رينڪنگ ۾ افغانستان جو راشد خان پهرين پوزيشن تي آهي، جڏهن ته افغانستان جو فضل حق ٻئي ۽ آسٽريليا جو جوش هيزل وڊ ٽئين نمبر تي اچي ويو.
سريلنڪا جو اسپينر وانندو هسارنگا چوٿين نمبر تي اچي ويو، جڏهن ته مهيش تهيڪشانا پنجين نمبر تي آهي، آل رائونڊرز ۾ بنگلاديش جو شڪيب الحسن پهرين نمبر تي آهي.