پ پ جي سيڪريٽري اطلاعات شازيا مري چيو آهي ته آئين تحت 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرايون وڃن، تڪبنديون چونڊن واري عمل ۾ ڪا به رنڊڪ ناهن
جاري ڪيل بيان ۾ شازيا مري چيو ته آئين تي عمل ڪرڻو پوندو، 90 ڏينهن اندر عام چونڊون لازمي آهن
هن چيو ته ملڪ جون حالتون ڪنهن سياسي يا معاشي بحران کي برداشت نه ڪري سگهنديون
هن چيو ته پ پ اليڪشن لاءِ تيار آهن، ڪنهن به صورت چونڊن ۾ دير نه ٿيڻ گهرجي
شازيا مري چيو ته اليڪشن ڪميشن آئين تحت 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائي