سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته آئين جو تحفظ سندن بنيادي فرض ۾ شامل آهي، عدالتون انتظامي حڪم جاري نه ٿيون ڪري سگهن، جيستائين عدالتي فيصلو چيلينج نه ٿو ٿئي تيستائين اهو قطعي فيصلو لاڳو هوندو.
لاهور ۾ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيف جسٽس عمرعطا بنديال چيو ته هو پنهنجي سينئر جج ڪارنيلئس کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا آهن، جسٽس ڪارنيلئس مجسم انصاف هو، کيس قانون سميت ٻي علم جي ڄاڻ هئي.
هن چيو ته جسٽس ڪارنيلئس دنيا جي اعليٰ ترين ادارن مان تعليم حاصل ڪئي، هو سول سروس جي عهدي تي مقرر ٿي سگهي پيو پر هن قانون انصاف جي شعبي جي چونڊ ڪئي.
سندس چوڻ هو ته جسٽس ڪارنيلئس سپريم ڪورٽ کي 17 سال ڏنا، هو هڪ سٺو قانون دان ۽ سادڳي پسند هو، ان لاءِ سندس زندگي ججن لاءِ هڪ مثال آهي.
جسٽس عمرعطا بنديال چيو ته پاڪستان ۾ اقليتن کي مڪمل آزادي حاصل آهي، آئين پاڪستان اقليتن جي حقن جي تحفظ جو ضامن آهي.
هن چيو ته جيستائين عدالتي فيصلو چيلينج نه ٿو ٿئي تيستائين اهو لاڳو هوندو آهي، عدالتون انتظامي حڪم جاري نه ٿيون ڪري سگهن، ججن کي انصاف ڪرڻو آهي ته جسٽس ڪارنيلئس جهڙا اصول هئڻ گهرجن، بنيادي انساني حقن بابت فيصلي جو اختيار سپريم ڪورٽ جو آهي..