وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آئين کي ٻيهر لکڻ جا اختيار رڳو پارليامينٽ وٽ آهن، عدليه آئين جي تشريح ڪري سگهي ٿي ٻيهر لکي نه ٿي سگهي.
سرڪاري ٽي وي جي دوري دوران ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته دنيا ۾ ڪٿي به پارليامينٽ جي قانونسازي خلاف منع نامي جو ڪو مثال ناهي.
هن چيو ته آئين تي عمل ڪرڻ لاءِ سمورن ادارن کي متحد ٿيڻو پوندو، حڪومت گڏجي مشڪل ترين حالتن کي ٺيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ ڪندي.
سندس چوڻ هو ته آئين کي هر سطح تي نصاب جو حصو هجڻ گهرجي، هو رياست بچائڻ لاءِ پنهنجي سياست قربان ڪرڻ کان به نه ڪيٻائيندا.