بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته آئين ۾ ڪٿي لکيل آهي ته عدليا ڳالهيون ڪرائيندي، ثاقب نثار ۽ سندس مددگارن نواز شريف سان ظلم ڪيو، سازشون ڪندڙن جو وائکو ٿيڻ قدرت جو قانون ۽ نواز شريف جي بيگناهي جو ثبوت آهي، تحريڪ انصاف چيئرمين، پارٽيءَ جي ٽڪيٽن جا اگهه مقرر ڪري ڇڏيا آهن، عمران خان روزاني يوٽرن وٺي رهيو آهي، غير يقيني صورتحال ۾ نواز شريف کي ڏيهه واپس نه اچڻ گهرجي.
سيالڪوٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خواجا آصف چيو ته عدليا جو ڪم قانون ۽ آئين موجب فيصلا ڪرڻ آهي، ڳالهيون ڪرڻ سياسي ماڻهن جو ڪم آهي.
سندس چوڻ هو ته ثاقب نثار ۽ عمران خان جي سياست وائکي ٿي رهي آهي، عدليا ڪنهن جي هٿن ۾ کيڏي آهي، عهدا الله تعاليٰ طرفان مليا امانت آهن، عهدن کي سوچي سمجهي استعمال ڪرڻ گهرجي.
بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو ته ثاقب نثار ۽ سندس مددگارن نواز شريف سان ظلم ڪيو، سازشون ڪندڙن جو وائکو ٿيڻ قدرت جو قانون ۽ نواز شريف جي بيگناهي جو ثبوت آهي.
هن چيو ته تحريڪ انصاف چيئرمين، پارٽيءَ جي ٽڪيٽن جا اگهه مقرر ڪري ڇڏيا آهن، عمران خان روزاني يوٽرن وٺي رهيو آهي، غير يقيني صورتحال ۾ نواز شريف کي ڏيهه واپس نه اچڻ گهرجي.
بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته گذريل ڪجهه مهينن دوران حالتون تبديل ٿيون آهن، ثاقب نثار، نواز شريف جي دشمني ۾ تمام گهڻو اڳتي نڪري ويو هو، ثاقب نثار ٽي وي تي مڃيو ته سندس پٽ جي آڊيو آهي، ثاقب نثار ئي نه پر تحرڪ انصاف جي ليڊر شپ به وائکي ٿي وئي آهي.
سندس چوڻ هو ته عمران خان سان هاڻي نوان مددگار مليل آهن، عمران خان وزيرآباد جو لانگ مارچ به ڪنهن جي چوڻ تي ڪيو هو.
بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته اقتدار کان پري رهڻ جي ڳڻتي عمران خان کي اندران کائي رهي آهي، ملڪ ۾ سمورن بحرانن جو ذميوار عمران خان آهي، ملڪ کي ڄاڻي واڻي مسئلن طرف ڌڪيو ويو، جون ۾ بجيٽ پيش ڪئي ويندي، بچيٽ فرينڊ رليف هوندي.