حڪومت عالمي مالياتي اداري جي شرطن تي 25 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.
ايف بي آر سوين لگزري شين تي سيلز ٽيڪس 25 سيڪڙو ڪرڻ لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو جنهن سان چئن مهينن ۾ 15 ارب رپين جي آمدني ٿيندي.
نوٽيفڪيشن موجب، ٻاهران گهرايل اليڪٽرانڪس شين، ميڪ اپ جي سامان، امپورڊ لپ اسٽڪ، فيس پائونڊر، وارن لاءِ رولر ۽ ڊرائرز تي به سيلز ٽيڪس جي شرح 25 سيڪڙو ڪئي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته پالتو جانورن جي ٻاهران گهرايل خوراڪ، بوٽ، پرس، شيمپو، صابڻ، لوشن، هيڊ فونز، آءِ پيڊ، اسپيڪر، درن ۽ درين تي سيلز ٽيڪس 25 سيڪڙو ڪئي وئي.