پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاري بابت سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عمران خان جي اڳوڻي گھرواري جمائما گولڊ سمٿ جو رد عمل آيو آھي.
جمائما گولڊ سمٿ پنھنجي ٽوئٽر اڪائونٽ تان سپريم ڪورٽ طرفان عمران خان جي ڊرامائي گرفتاري کي غير قانوني قرار ڏيڻ جي حڪم بابت برطانوي خابرو اداري جي خبر جي اسڪرين شارٽ شيئر ڪئي.
جمائما گولڊ سمٿ ٽوئٽ ۾ لکيو تھ آخرڪار ڏاھپ ڪم اچي وئي.
واضح رھي تھ سپريم ڪورٽ عمران خان جي گرفتاري کي غيرقانوني قرار ڏيندي کيس فوري طور آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏيندي اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ سان ٻيھر رابطو ڪرڻ جي ھدايت ڪئي.