ن ليگ سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته آدمشماري کانپوءِ نيون تڪبنديون ضروري آهن، آئين تحت اسيمبلين جو مدو پورو ٿيڻ تي 90 ڏينهن اندر عام چونڊون ٿيڻ گهرجن، پنجاب ۽ ڪي پي ۾ اليڪشن جو هڪ مخصوص معاملو سامهون آيو، اتفاق آهي ته عام چونڊون 90 ڏينهن اندر ٿيڻ گهرجن پر آئين جي ٻين شقن کي به نظر ۾ رکڻو پوندو.
سينيٽ ۾ خيالن جو اظهار ڪندي اسحاق ڊار چيو ته ليول پليئنگ کين ته نه ملي ۽ ڪير نه چاهيندو ته ليول پليئنگ فيلڊ نه هجي، آئين چئي ٿو 90 ڏينهن ۾ اليڪشن ٿئي پر آئين جي ٻين شقن کي به سامهون رکڻو آهي.
سندس چوڻ هو ته آدمشماري کي 2 آگسٽ تي اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو ۽ آدمشماري قطعي ٿي وڃي ته اليڪشن ڪميشن کي تڪبنديون ڪرڻيون آهن.
ن ليگ سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته هو به چاهن پيا 90 ڏينهن ۾ اليڪشن ٿئي ۽ پهرين بجيٽ ۾ چونڊن لاءِ مختص رقم 5 ارب رپيا هئي، اليڪشن ڪميشن کي چونڊن لاءِ 54 ارب رپيا گهربل هئا، هنن اليڪشن ڪميشن کي 46 ارب رپيا ڏيڻا ڪيا جڏهن ته پنجاب ۽ ڪي پي جي اليڪشن لاءِ اضافي 16 ارب گهربل هئا.
هن چيو ته قومي اسيمبليءَ ٺهراءُ منظور ڪري ڇڏيو، سندس وٽ ڪا ٻي واٽ نه هئي، ڪجهه طاقتن جو مقصد هو ته پاڪستان ڊيفالٽ ڪري کين اجتماعي طور سوچڻ گهرجي هي ملڪ جو مسئلو آهي.
ن ليگ سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته اڳوڻي حڪومت جي هڪ لاڏلي چيو ته لينڊ مائنڊ وڇائي وڃي رهيا آهن اهڙي سوچ واري شخص کي سياست ۾ هئڻ ئي نه گهرجي، ن ليگ چونڊ ۾ زيادتي تي وائيٽ پيپر جاري ڪيو هو ۽ 35 پنڪچر واري ڳالهه ڪوڙي هئي.
اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته هن بجيٽ ۾ يقيني بڻايو ته اليڪشن ڪميشن جي بجيٽ ٺاهي، هڪ طرف عدليا، هڪ طرف پارليامينٽ ۽ هڪ طرف ڪابينا هئي.