آرمي چيف جنرل عاصم منير آذربائيجان دوري دوران اعليٰ سطحي ملاقاتون ڪيون.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته آرمي چيف جنرل عاصم منير جمهوريه آذربائيجان جي دوري تي آهي.
دوري جو مقصد ٻنهي ملڪن ۾ فوجي ۽ سهڪار وڌائڻ آهي.
پاڪ فوج جي ترجمان موجب آرمي چيف آذربائيجان جي صدر الهام علوف، بچاءَ واري وزير، چيف آف جنرل اسٽاف ۽ ايئر فورس جي ڪمانڊر سان ملاقاتون ڪيون.
آرمي چيف آذربائيجان جي هٿياربندن فوج جي آپريشنل تياري ۽ حوصلي جي واکاڻ ڪئي.
آذربائيجان جي سياسي ۽ فوجي قيادت پاڪستان جي مسلسل حمايت جي واکاڻ ڪئي ۽ ٻنهي رياستن وچ ۾ ٻطرفو سهڪار نئين سطح تي پهچائڻ تي اتفاق ڪيو.
آءِ ايس پي آر موجب جنرل اسٽاف هيڊڪوارٽرز جي دوري دوران آرمي چيف جي شاندار آجيان ڪندي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو.
آرمي چيف باڪو ۾ شهيدن جي يادگارن تي گل به رکيا.