آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چئن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي چين پهچي ويو آهي.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب آرمي چيف چين جي چئن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي بيجنگ پهچي ويو.
آءِ ايس پي آر موجب، دوري دوران ٻه طرفن فوجي لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.
پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ آهي ته دوري دوران آرمي چيف چين جي اعليٰ فوجي عملدارن سان ملاقاتون ڪندو.