آرمي چيف جنرل عاصم منير جي چيني پيپلز لبريشن آرمي جي هيڊ ڪوارٽر آمد تي سندس شاندار آجيان ڪري گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو.
آءِ ايس کي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب پاڪ فوج جي سربراهه جي چيني فوجي قيادت سان ملاقات دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ دفاعي سهڪار وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب ملاقات دوران سڪيورٽي معاملن ۽ فوجي سهڪار وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ دوري دوران آرمي چيف چيني پيپلز لبريشن آرمي جي جوانن جي آپريشنل صلاحيتن جو مظاهري جو جائزو ورتو ۽ جوانن جي پيشيوراڻين مهارتن ۽ تربيتي معيار کي ساراهيو.
آءِ ايس پي آر موجب ملاقات دوران ٻنهي ملڪن جي فوجن جي سربراهن علائقي ۾ امن ۽ استحڪام برقرار رکڻ تي زور ڀريو.