سنڌ جي اطلاعات کاتي واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته صحافت جي آزادي جو عالمي ڏهاڙو اصل ۾ حق ۽ سچ لکندڙ بهادر صحافين کي سلام پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي، آزاد صحافت جمهوري معاشرن جو اهم ٿنڀ آهي، جتي سچ برداشت ڪرڻ جي صلاحيت نه هجي اتي ترقي نٿي ٿي سگهي، آزاد صحافت کانسواءِ ڪوبه معاشرو ترقي نٿو ڪري سگهي.
صحافت جي آزاديءَ جي عالمي ڏينهن جي تي خاص پيغام ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پيپلز پارٽي ملڪ جي واحد پارٽي آهي جنهن صحافت جي آزادي لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪئي، پ پ ۽ صحافين گڏجي ملڪ ۾ جمهوريت جي مضبوطي لاءِ جنگ وڙهي آهي.
سندس چوڻ هو ته پيپلز پارٽي صحافين ۽ صحافتي تنظيمن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ هميشه ڀرپور قدم کنيا آهن، شهيد راڻي کان وٺي صدر آصف زرداري تائين صحافين جي ڀلائي لاءِ سندن پارٽي جي منشور جو پهريون نقطو رهيو آهي.
صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري صحافت جي آزاديءَ لاءِ قدم کڻڻ جي خاص هدايت ڪئي آهي، سنڌ حڪومت صحافين جي تحفظ لاءِ پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پريڪٽشنر بل منظور ڪرايو ۽ جرنلسٽس جي تحفظ جي ڪميشن قائم ڪئي.
هن چيو ته سنڌ حڪومت جلد جرنلسٽس پروٽيڪشن ڪميشن جي مستقل سيڪريٽريٽ قائم ڪرڻ وڃي رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت جرنلسٽس پروٽيڪشن ڪميشن تحت هيلپ لائن قائم ڪري ڇڏي آهي جنهن جو جلد اعلان ڪيو ويندو.
سنڌ جي اطلاعات کاتي واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان هن وقت ڪوڙ ۽ گمراهه ڪندڙ پروپيگنڊا جو شڪار آهي، اڄ ملڪ ۾ سچ ۽ ڪوڙ جي جنگ آهي، صحافت جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي هو سڀ گڏجي ملڪ ۾ جاري ڪوڙ جو مقابلو ڪن ۽ عوام کي اصل حقيقت کان آگاهه ڪري پنهنجي نوجوان نسل کي محفوظ بڻائن.