آزاد ڪشمير جي هائيڪورٽ، وزيراعظم تنوير الياس کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
آزاد ڪشمير جي هائيڪورٽ طرفان آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سردار تنوير الياس کي توهين عدالت ڪيس ۾ سزا ٻڌائي.
عدالت آزاد ڪمشير جي وزيراعظم کي عدالت ختم ٿيڻ تائين سزا ٻڌائي۽ کيس ڪنهن به عوامي عهدي لاءِ نااهل قرار ڏنو.
هائيڪورٽ نئين وزيراعظم جي چونڊ لاءِ چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط پڻ لکيو آهي.
آزاد ڪشمير جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن وزيراعظم کي توهين عدالت تي نااهل ڪيو ويو آهي.