آزاد ڪشمير جي سپريم ڪورٽ سردار تنوير الياس جي وزيراعظم جي عهدي تي فوري بحالي بابت درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.
آزاد ڪشمير جي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس راجا سعيد اڪرم جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني بينچ اڳوڻي وزيراعظم سردار تنوير الياس جي درخواست بابت ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران سردار تنوير الياس طرفان ايڊووڪيٽ رزاق خان جي قيادت ۾ ليگل ٽيم پيش عدالت ۾ ٿي.
چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته اڳوڻي وزيراعظم معذرت ناهي ڪئي، سردار تنوير الياس چيو جيڪڏهن توهين ٿي آهي ته معافي گهران ٿو، اڳوڻو وزيراعظم ايوان ۽ وزيراعظم جي عهدي کي ڪجهه ناهي سمجهندو، هو چوندو آهي ته ججن کي ڪڍي ڇڏيندس.
چيف جسٽس چيو ته اڳوڻو وزيراعظم هڪ پٽيوالي کي به بنا پراسس جي نٿو ڪڍي سگهي، اسيمبلي قانون ٺاهيندي آهي هو رڳو ان جي تشريح ڪندا آهن.
اڳوڻي وزيراعظم سردار تنوير الياس جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته سندس اصيل کي وضاحت جو موقعو ناهي ڏنو ويو، آئين هر شهري کي پاڻ تي لڳل الزام جو جواب ڏيڻ جو موقعو ڏئي ٿو.
چيف جسٽس چيو ته ملٽي ميڊيا تي سندس سمورا لفظ هلايا ته هن اهي مڃيا، عدالت سامهون ئي توهين جهڙن لفظن کي مڃيو، مڃڻ بعد به ڇا عدالت ان کان معافي گهري؟.
چيف جسٽس چيو ته اڳوڻي وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن اها توهين آهي ته معذرت ڪري ٿو، هو اهڙو اسٽيٽ فار ورڊ آهي، جج به ڪو اهڙو ڪم ڪري ٿو ته توهين جي ڪارروائي ٿي سگهي ٿي.
عدالت سردار تنوير الياس جي وزيراعظم جي عهدي تي فوري بحالي بابت درخواست رد ڪري ڇڏي.