2022ع جي مس يونيورس جي فائنلسٽ ۽ آسٽريلوي فيشن ماڊل سينا وير 23ورھين جي عمر ۾ گھوڙي سواري دوران حادثي ۾ فوت ٿي وئي.
پرڏيھي ميڊيا رپورٽ موجب ماڊل کي گذريل مھيني پنھنجي اباڻي ملڪ آسٽريليا ۾ گھوڙي تي سواري جي دوران خطرناڪ حادثي جو منھن ڏسڻو پوي ھو جنھن ۾ ھوءَ زندگي جي بازي ھارائي وئي، جڏھن تھ ماڊل جي موت جي خبر سندس وارثن طرفان ڪئي وئي آھي.
سينا وير 2اپريل تي آسٽريليا جي ونڊسرپولو گرائونڊ ۾ گھوڙي تي سواري ڪري رھي ھئي تھ سندس گھوڙو ڪري پيو، ماڊل کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، ھن 4مئي تي دم ڏنو.
پرڏيھي ميڊيا جي رپورٽس موجب آسٽريلوي ماڊل جي موت جي خبر جي وارثن طرفان شيئر ڪئي وئي، سينا وير سڊني يونيورسٽي مان انگريزي ۽ نفسيات جي تعليم ۾ ڊگري حاصل ڪئي ھئي .