اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ، وزيراعظم شهبازشريف کي مخالف ڌر سان غير مشروط ڳالهين جي صلاح ڏني آهي.
آئين جي گولڊن جوبلي جي موقعي تي ڪوٺايل قومي اسيمبلي جي خاص اجلاس کي خطاب ڪندي آصف علي زرداري چيو ته پهريون ڀيرو ناهي جو ڪورٽ کيس نوٽيس موڪليو آهي، سندس خلاف پاڻمرادا نوٽيس ٿيا آهن، رات ٻارهين وڳي اسپتال مان کڻي جيل وڌو ويو، ان وقت پاڻمرادو نوٽيس نه ورتو ويو.
هن چيو ته جڏهن شهيد راڻي بينظير ڀٽو شهيد ٿي ته هنن پاڪستان کپي جو نعرو هڻيو، موجوده صدر تسليم ٿو ڪري ته ان وقت جيڪڏهن ڪو ٻيو نعرو لڳي ها ته پاڪستان نه بچي ها.
آصف زرداري چيو ته ٽي ٽي پي کان کيس به خطرو هو، پر ماڻهو جتي به گهرائيندا هو اتي ويندا، پوءِ جيڪو ٿيو ڏٺو ويندو، هو پاڪستان کي بچائيندا آيا آهن ۽ هاڻي به بچائيندا.
اڳوڻي صدر چيو ته هنن مذهب کي سياست ۾ استعمال نه ڪيو، وٽس ڪيترائي راز آهن، جن مان ڪجهه شيئر ڪري سگهجن ٿا ڪجهه نه ٿا ڪري سگهن.
آصف زرداري چيو ته هو پنهنجي نسل لاءِ ٽٽل پاڪستان نه ڇڏي ويندو، هي دوست کي مخالف بڻائڻ پيا چاهن پر ائين ٿيندو.
اڳوڻي صدر چيو ته ڳالهين جو اختيار وزيراعظم وٽ هو شهبازشريف کي درخواست ڪندو ته مخالف ڌر سان ڳالهيون ڪري ۽ ان لاءِ ڪا به شرط نه رکي وڃي، مخالف ڌر کي به ڳالهين لاءِ شهبازشريف وٽ اچڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته هو وزيراعظم آهي.
آصف زرداري چيو ته جاپان ۽ ڪوريا ڊفالٽ ٿيا، ڀارت ڏهوڻ تي وڏو ملڪ آهي هڪ وقت ۾ وٽن هڪ بلين ڊالر ناڻي جا ذخيرا هئا، جنهن ڪري هن سوئٽزرلينڊ کي سون وڪرو ويو، پاڪستان به اٿندو ۽ هو ان کي اٿاريندا.