اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان پيپلزپارٽي آزاد ڪشمير جي اڳواڻن ملاقات ڪئي آهي.
ملاقات دوران اڳواڻن پارٽي قيادت کي آزاد ڪشمير جي تازي سياسي صورتحال بابت بريفنگ ڏني.
ملاقات وقت اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني، نيئر بخاري ۽ قمر زمان ڪائره به موجود هئا.
واضع رهي ته آزاد ڪشمير جي هاءِ ڪورٽ توهين عدالت ڪيس ۾ سردار تنوير الياس کي وزيراعظم جي عهدي لاءِ نا اهل قرار ڏنو آهي.
توهين عدالت ڪيس ۾ وزيراعظم آزاد ڪشمير سردار تنوير الياس جي نا اهلي کانپوءِ سنيئر وزير خواجا فاروق کي وقتي وزيراعظم مقرر ڪيو ويو آهي.