آمريڪا، ڀارتي وزيراعظم نريندي مودي طرفان شهباز شريف کي مبارڪباد ڏيڻ جي آجيان ڪري ٿو : ميٿيو ملر

- Advertisement -
آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر چيو آهي ته هو پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ پرامن ۽ تعميري لاڳاپا ڏسڻ چاهين ٿا. پنهنجي پريس بريفنگ ۾ امريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته امريڪا، ڀارتي وزيراعظم نريندي مودي طرفان شهباز شريف کي مبارڪباد ڏيڻ جي آجيان ڪري ٿو. هن چيو ته آمريڪا ڀارت ۽ پاڪستان سان لاڳاپن کي اهميت ڏئي ٿو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ۾ پرامن ۽ تعميري لاڳاپا ڏسڻ چاهي ٿو. ميٿيو ملر چيو ته هو پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ پرامن ڳالهين جي آجيان ڪندا، جڏهن ته ڳالهين جي رفتار ۽ نوعيت جو تعين ٻنهي ملڪن کي ڪرڻو آهي. امريڪا ۾ سـِک اڳواڻ تي قاتلاڻي حملي بابت پڇيل سوال ۾ ميٿو ملر چيو ته سک اڳواڻ تي قاتلاڻي حملي جي جاچ جاري آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.1 ° C
20.1 °
20.1 °
13%
1.8m/s
10%
اڱارو
19 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
19 °

تازه ترين خبرون