آمريڪا جي هڪ پيرسن عورت پنهنجا پنج نسل ڏسي ورتا آهن.
آمريڪي رياست ڪينٽڪي جي پيرسن عورت جي هڪ تصوير جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ هوءَ پنهنجي پنجن نسلن سان موجود آهي، جن ۾ سندس ڌيءَ، ڏوهٽي، ڏوهٽيءَ جي ڌيءَ، ڏوهٽيءَ جي ڏوهٽي ۽ وري اُن جي ڌيءَ شامل آهن.
تصوير ۾ ڇهن نسلن کي گڏ ڏسي سگهجي ٿو، جيئن ئي هيءَ تصوير آن لائن اپلوڊ ٿي ته انٽرنيٽ استعمال ڪندڙ حيران ٿي ويا، ائين ڏسندي ئي ڏسندي تصوير وائرل ٿي وئي.
ڊيلي ميل موجب تصوير ۾ ٽيلر هاڪنز نالي عورت جي هنج ۾ جيڪا ٻارڙي آهي ان جي عمر ست مهينا آهي.
تصوير فيبروريءَ جي آخر ۾ ان نرسنگ هوم جي آهي، جتي ٽيلر هاڪنز رهي ٿي، سندس پوٽيءَ اِها تصوير ڪڍي ۽ 58 سالن جي پوٽيءَ وري ان کي سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ڪيو.
ٽيلرز هاڪنز جي شادي 16 سالن جي عمر ۾ ٿي، اُن وقت سندس مڙس جي عمر 50 سال هئي، هوءَ پنهنجي مڙس جي ٻي گهرواري هئي.
ٽيلر هاڪنز جي مڙس کي پهرين گهرواري مان 10 ۽ ٽيلر مان 13 ٻار پيدا ٿيا، هي ٻڍڙي عورت جون ۾ 99 سالن جي ٿي ويندي.