آءِ فون دنيا جي مقبول ترين سمارٽ فون مان هڪ آهي پر گذريل ڪجهه مهينن جي دوران ڪيترن ئي ماڻهن جي زندگي بچائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي آهي.
آمريڪا ۾ هڪ اهڙي شخص کي آءِ فون جي مدد سان بچايو ويو آهي ته جنهن جي گاڏي حادثي بعد هڪ ڪينال ۾ ٻڏي وئي هئي
اهو واقعو رياست فلوريڊا جي هڪ ڳوٺ انڊيا ٽائون جي ويجهو پيش آيو.
ان حوالي سان مقامي پوليس جو چوڻ آهي ته هڪ جانور کي بچائيندي 38 سالن جو هڪ شخص جي گاڏي کي حادثو پيش آيو جنهن بعد گاڏي ڪينال ۾ ٻڏي وئي.
اس موقعي تي آءِ فون جي خودڪار طور تي هڪ ايس او ايس الرٽ جي ذريعي پوليس کي حادثي بابت آگاهه ڪيو.
ايس او ايس الرٽ ملڻ بعد پوليس اهلڪار گوگل کي استعمال ڪندي حادثي جي شڪار شخص جي لوڪيشن ڄاڻڻ ۾ ڪامياب ٿي وياڍ
ياد رهي ته هن فيچر کي آڪٽوبر 2022 ۾ آءِ فون 14 سيريز جي فونز سان گڏ متعارف ڪرايو ويو هو.