آمريڪي خلائي اداري ناسا جيمس ويب اسپيس ٽيلي اسڪوپ ذريعي شمسي نظام جي ستين سياري يورينس جي نئين تصوير جاري ڪري ڇڏي آهي.
شمسي نظام ۾ موجود هن سياري جي چوڌاري موجود اِهي دائرا ان کان اڳ ڪڏهن به ائين واضح نظر نه آيا آهن جيئن هن اهي هن تازي تصوير ۾ نظر اچي رهيا آهن.
آمريڪي خلائي ايجنسي موجب انفراريڊ لهرون ۽ جيمس ويب ٽيلي اسڪوپ وڏي احتياط سان سياري جي ماحول ۾ موجود شاندار دائرن ۽ دلچسپ ڊيٽا کي سامهون کڻي آيا آهن.
ان کان اڳ،1986ع ۾ جڏهن وائر ٽو خلائي جهاز يورينس ڀرسان اڏام ڪئي هئي ته اُن جي ڪيمرا يورينس ڪي نيري سائي رنگ جي بال جهڙو ڏيکاريو هو.
يورينس شمسي نظام ۾ موجود سيارن ۾ منفرد خاصيتن وارو سيارو آهي، هي واحد سيارو آهي جيڪو پنهنجي مدار ۾ تقريباً نائنٽي ڊگري جي زاويي تي پنهنجي پاسي گردش ڪري ٿو.
يورينس جي اهڙيءَ طرح گردش ڪرڻ سان سياري جا پولز سالن جا سال سج جي روشنيءَ کي منهن ڏيندا آهن ۽ ان کانپوءِ ايترو ئي عرصو وري اُتي گهگهه اونداهه رهندي آهي.
سياري جو ائين گردش ڪرڻ اُتي موسمن جي شدت جو سبب بڻبو آهي.
يورينس تي ڏينهن 17 ڪلاڪ ۽ 14 منٽ جو هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته اهو پنهنجو پاڻ کي ٽيڙي انداز ۾ پنهنجي مدار ۾ گهمائي ٿو.
يورينس کي سج جي چوڌاري پنهنجو چڪر پورو ڪرڻ ۾ جيڪو هڪ سال لڳندو آهي اهو اسان جي ڌرتيءَ جي 84 سالن جي برابر آهي، يعني يورينس جو هڪ سال ڌرتيءَ جي 30 هزار 687 ڏينهن برابر آهي.
يورينس جا 13 ڄاتل دائرا آهن، جن مان 11 ناسا جي هن تازي ويب تصوير ۾ نظر اچن ٿا.
تصوير ۾ ڪي رنگ ايترا روشن نظر اچن ٿا، ڄڻ اُتي ڪا وڏي روشن مـُـنڊي هجي.