اتر وزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن ۾ مقابلي دوران هڪ سپاهي شهيد ٿي ويو آهي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن ۾ مقابلو ٿي پيو.
آءِ ايس پي آر موجب، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 29 ورهين جو ارشاد الله شهيد ٿي ويو آهي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ دهشتگردن جي ڳولا لاءِ سرچ آپريشن ڪيو پيو وڃي، سڪيورٽي فورسز دهشتگرديءَ جي لعنت جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي.
آءِ ايس پي آر موجب، بهادر سپاهين جون قربانيون سندن عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪنديون آهن.