اداڪارا روينا ٽنڊن بالي ووڊ کي اداڪارن جي ٻارن لاءِ بي رحم قرار ڏئي ڇڏيو آھي.
ھڪ انٽرويو ۾ اداڪارا روينا ٽنڊن چيو تھ فلم انڊسٽري فلمي اداڪارن جي ٻارڙن لاءِ ظالم آھي، اداڪار والدين بھ پنھنجي ٻارڙن لاءِ ڪجھھ نھ ٿا ڪري سگھن، رڳو مداح ئي آھن جيڪي کين سپر اسٽار بڻائي سگھن ٿا.
روينا ٽنڊن وڌيڪ چيو تھ اسٽارز جي ٻارڙن تي گھڻو پريشر ھوندو آھي، ڇو تھ کين ڪجھھ اميدن تي پورو لھڻو ھوندو آھي.
اداڪارا چيو تھ جيڪڏھن انھن وٽ ٽئلينٽ نھ آھي تھ انھن لاءِ رڳو ھڪ ئي فلم ٺاھي سگھو ٿا، رڳو ناظرين ئي کين ڪنگ بڻائي سگھن ٿا ۽ اھو ئي انڊسٽري ۾ ڪم ايندو آھي.
واضح رھي تھ روينا ٽنڊن جي ڌيءُ راشاٿاڊاني اداڪارا اجي ديوگن جي ڀائٽي امان سان گڏ پنھنجو ڊيبيو ايڪشن فلم ۾ ڪندي.