- Advertisement -
ادب جو نوبل انعام هنگري سان تعلق رکندڙ ليکڪ لازلو ڪرسز ناهور ڪائي حاصل ڪري ورتو.
سوئيڊش اڪيڊمي طرفان هنگري سان تعلق رکندڙ مصنف کي ادب جو نوبل انعام ڏنو ويو آهي.
ادب جي نوبل انعام جي فاتح جو فيصلو 18 رڪني سوئيڊش اڪيڊمي ڪندي آهي ۽ عملي طور مقصد لاءِ ڪنهن مصنف جي سموري زندگي جو ڪم نظر ۾ رکيو ويندو آهي.
نوبل ڪميٽي موجب لازلو ڪرسز ناهور ڪائي اهڙو منصنف آهي جيڪو ڏکي وقت ۾ به آرٽ جي طاقت يقيني بڻائيندو آهي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته لازلو ڪرسز ناهور ڪائي وچ يورپي روايتن بابت لکندڙ بهترين مصنف آهي ۽ سندس پراثر ۽ بصيرت سان ڀريل تخليقن جي اعتراف ۾ کيس نوبل انعام ڏنو پيو وڃي.
سندس شروعاتي ناولن ۾ اڪثر هنگري کان وٺي جرمني تائين وچ يورپ جي ڳوٺن ۽ ٻهراڙين جي ماحول کي ڏيکاريو ويندو هو پر بعد جي تخليقي ڪم ۾ پڙهندڙن کي ڏور اوڀر تائين آندو ويو.
چين ۽ جاپان جي دورن سندس تلخيقي ڪم تي تمام گهڻا گهرا اثر ڇڏيا آهن.
هنگري سان تعلق رکندڙ ڪنهن اديب ٻيو ڀيرو ادب جو نوبل انعام حاصل ڪيو آهي.- Advertisement -
