90 جي ڏهاڪي جي شروعات ۾ هائپر انفليشن جي خاتمي بعد ارجنٽينا ۾ مهانگائي جي شرح پهريون ڀيرو 100 سيڪڙو کان وڌيڪ ٿي وئي.
ان حوالي سان ارجنٽينا جي شماريات واري اداري جو چوڻ آهي ته فيبروري ۾ مهانگائي جي شرح 102 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي.
گذريل ڪيترن ئي سالن کان ارجنٽينا معاشي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ مُلڪ جي وڏي آبادي غربت ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور آهي.
ارجنٽينا جي حڪومت خوراڪ ۽ ٻين شين جي قيمتن کي محدود ڪري قيمتن ۾ واڌ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.
جڏهن ته ارجنٽينا جي ميڊيا جو چوڻ آهي ته قيمتن ۾ واڌ جي هڪ وجه گوشت جي قيمت ۾ اضافو آهي جيڪو صرف هڪ مهيني جي دوران 20 سيڪڙو مهانگو ٿيو آهي.
ارجنٽينا جي مقامي خبرن واري اداري مطابق موسمي حالتن مُلڪ ۾ جي گرمي جي وڏي لهر ۽ خشڪ سالي چوپائي مال ۽ فصلن کي متاثر ڪيو آهي.
جڏهن ته ارجنٽينا جي حڪومت گهڻي عرصي کان مهانگائي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي پر سياسي تقسيم مُلڪ جي اقتصادي پاليسي کي متاثر ڪيو آهي.
ياد رهي ته آءِ ايم ايف ارجنٽينا لاءِ 6 ارب ڊالر جو بيل آئوٽ پيڪيج منظور ڪيو هو.