بالي وڊ جي ادڪارا ارشد وارثي ۽ سندس گهرواري جي ڀارتي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ شيئرز خريد ڪرڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي.
مارڪيٽ ريگيوليٽر موجب ارشد وارثي سميت چاليهن کان وڌيڪ ماڻهن تي شيئر مارڪيٽ ۾ شرڪت تي پابنديءَ جو فيصلو اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ مبينه هيراڦيريءَ جي الزامن بعد ڪيو ويو.
اداري موجب چئن يوٽيوب چينلن تي وڊيوز کي هٿرادو طريقي سان ڪجهه شيئرز جي ويليو وڌائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو.
سڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج آف انڊيا پنهنجي جاچ ۾ چيو آهي ته يوٽيوبر منيش مشرا پنهنجي چينل ڊي ايڊوائيزر ۽ مني وائس ۾ مشهور شخصيتن ذريعي سيڙپڪارن کي مبينا طور ٻن ڪمپنين ۾ رقم لڳائڻ لاءِ همٿايو.
اداري موجب وڊيوز ۾ غلط ۽ گمراهه ڪندڙ ڄاڻ ڏئي سيڙپڪارن کي شيئرز خريد ڪرڻ لاءِ همٿايو ويو، غير معمولي نفعي جو ڏٽو ڏئي ماڻهن کي پنهنجا شيئرز خريد ڪرڻ تي راضي ڪرڻ وارين ڪوششن جي الزام ۾ انهن ماڻهن تي پابندي لڳائي وئي…….
ارشد وارثي ۽ سندس گهرواريءَ انهن سمورن الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.