سنڌ هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ ايم اين ايز جي استعفائن واري ڪيس ۾ ڌرين کان 7 اپريل تائين جواب طلب ڪري ورتو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ جي عورت ايم اين ايز پاران استعفائن واري معاملي تي داخل ڪرايل درخواست تي ٻڌڻي ٿي.
درخواستگذارن جي وڪيل چيو ته اسيمبلي ميمبرن جي استعيفائون منظور ڪرڻ جو مڪمل طريقيڪار موجود آهي، پي ٽي آءِ ايم اين ايز کي غلط طريقي سان ڊي نوٽيفائي ڪيو ويو.
وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته استعفيائون ڏيندڙ ايم اين ايز کان تصديق نه ڪئي وئي، اليڪشن ڪميشن بنا تصديق جي پي ٽي آءِ ايم اين ايز کي ڊي نوٽيفائي ڪيو.
درخواستگذار پاران اليڪشن ڪميشن جي نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي.
عدالت ڌرين کان 7 اپريل تائين جواب طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.