ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار آمريڪا جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي.
اسحاق ڊار آمريڪي دورو ملتوي ڪرڻ جي تصديق ڪئي.
ناڻي واري وزير کي 10 اپريل کان عالمي بئنڪ ۽ آءِ ايم ايف جي بهار اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻي هئي.
حڪومتي ذريعن موجب اسحاق ڊار سياسي صورتحال سبب آمريڪي دورو ملتوي ڪيو، دوري دوران ناڻي واري وزير کي يو ايَ ايِ اختيارين سان به ملاقاتون ڪرڻيون هيون.
يو ايَ ايِ اختيارين سان ملاقات اڃا تائين جو شيڊيول به اڃا تائين طئه ناهي ڪيو ويو.
عالمي بئنڪ ۽ آءِ ايم ايف اجلاس ۾ پاڪستاني وفد ناڻي وارو سيڪريٽري ۽ اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ڏيندا.
پاڪستاني وفد آءِ ايم ايف اختيارين سان قرض بحالي پروگرام تي ڳالهيون ڪندو.