تازه ترين

اسرائيلي رياستي دهشتگرد آهي، فلسطيني مجاهد آزادي جي جنگ وڙهي رهيا آهن : مولانا فضل الرحمان

جمعيت علماءِ اسلام ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسرائيلي رياستي دهشتگرد آهي، فلسطيني مجاهد آزادي جي جنگ وڙهي رهيا آهن.

جي يو آءِ ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ڪراچي ۾سنڌ امن مارچ ۽ طوفان اقصيٰ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته هنن پاڪستان ۾ يهودي ايجنٽ کي شڪست ڏني ۽  اسرائيل کي به ڏيندا.

سندس چوڻ هو ته آمريڪا ۽ يورپ اسرائيل جي حمايت ۾ کلي سامهون آيا آهن، اسلامي دنيا ڇو بي حسي جو مظاهرو ڪري رهي آهي،  روس، چين ۽ اسلامي برادري کي يڪجهتي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو.

مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته اڄ آزادي جي جنگ وڙهندڙن کي دهشتگرد چيو پيو وڃي، هنن بر صغير مان انگريزن کي ڀڃايو، افغانستان جي ماڻهن کي به دهشتگرد چيو ويو، هنن افغانين کي مجاهد چيوم ماڻهو آمريڪا کي عالمي طاقت سمجهي ٿي پر آمريڪا جو افغانستان ۾ شڪست کانپوءِ عالمي طاقت جو ٽائيٽل ختم ٿي ويو.

جي يو آءِ سربراهه چيو ته هو حماس جي موقف جي مڪمل حمايت ڪن ٿا، هو فلسطيني ڀائرن سان گڏ آهن.

جي يو آءِ اڳواڻ مولانا عبدالغفور حيدري خطاب ڪندي چيو ته فلسطيني اڄ به ڪنهن محمد بن قاسم جي انتظار ۾ آهن.

ڪراچي ۾ جي يو آءِ ف جي سنڌ امن مارچ ۽ طوفان اقصيٰ ڪانفرنس کي جي يو آءِ سنڌ جي سيڪٽري جنرل راشد محمود سومري ۽ ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
14.7 ° C
14.7 °
14.7 °
13 %
1.8kmh
0 %
سُومر
16 °
اڱارو
15 °
اربع
14 °
خميس
13 °
جمعو
13 °

تازه ترين خبرون