- Advertisement -
اسرائيلي فوج غزه ۾ اسرائيلي حملا تيز ڪري ڇڏيا آهن، مختلف هنڌن تي ڊرونز ۽ ٽينڪن ذريعي گولا باري ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 55 فلسطيني شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته يهودي فوج بي گهر فلسطينين جي خيمن ۽ پناهگاهن کي نشانو بڻائڻ لڳي، غزه ۽ جنين ۾ هوائي ۽ زميني حملا ڪيا جنهن سبب 12 فلسطينين شهادت جو جام پيتو.
عرب ميڊيا موجب، جباليه ۾ اسڪول ۽ نصيرات ڪيمپ تي بمباري ۾ به 22 شهري شهيد ٿي ويا.
عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيلي حملن ۾ هن وقت تائين شهيد فلسطينين جو انگ 42 هزار 344 ٿي ويو جڏهن ته 99 هزار 13 ڄڻا زخمي ٿي چڪا آهن.
ٻئي پاسي حماس اسرائيلي قافلي تي حملو ڪيو جڏهن ته 12 گاڏيون بارودي سرنگن سان اڏائي ڇڏيون.
حماس پاران فائرنگ ۽ راڪيٽن سان حملن ۾ ڪيترن ئي اسرائيلي فوجين کي مارڻ جي پڻ دعوى ڪئي آهي.- Advertisement -
