اسرائيل جي شھر تل ابيب ۾ جوابدار سياحن مٿان ڪار چاڙھي ڇڏي.
حملي ۾ ھڪ اطالوي سياح مارجي ويو ۽ 5ٻيا سياح زخمي ٿي پيا، جڏھن تھ پوليس جي فائرنگ ۾ جوابدار مارجي ويو.
ميڊيا رپورٽس موجب جوابدار عرب اسرائيلي ھو ۽ مارجي ويل پرڏيھي سياح ھو.
والاريل بيت المقدس حملي بعد پوليس ۽ فوج جي اضافي نفري طلب ڪئي وئي.
ٻئي طرف اطالوي اختيارين تصديق ڪئي آھي تھ مارجي ويل شخص سندن شھري ھو .