تازه ترين

اسرائيل جي غزا تي بمباري جاري، وڌيڪ 250 فلسطيني شهيد

اسرائيل جي غزا تي جاري بمباري سبب وڌيڪ 250 فلسطيني شهري شهيد ٿي ويا، اسرائيل 16 فوجي مارجڻ جو اعتراف ڪيو آهي.

عرب ميڊيا موجب اسرائيل جي غزا تي جاري بمباري سبب وڌيڪ 250 فلسطيني شهري شهيد ٿي ويا جنهن بعد مجموعي طور  شهيد فلسطينين جو انگ 8 هزار 900 ٿي ويو ۽   23 هزار کان وڌيڪ فلسطيني زخمي ٿي پيا.

ان کان اڳ اسرائيل غزا ۾ پناهگير ڪيمپ تي ٻئي ڏينهن به حملو ڪيو جنهن سبب عورتن ۽ ٻارن سميت 100 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا، ڪميپ تي حملي سبب يارهن يرغمالي به مارجي ويا آهن.

غزا ۾ ٻيهر بند ٿيل مواصلاتي نظام ۽ انٽرنيٽ سروس پڻ بحال نه ٿي سگهي آهي.

هوڏانهن اسرائيل طرفان حماس جي ڊرون حملن ۾ 16 فوجي مارجڻ جو اعتراف ڪيو آهي.

حماس اسرائيل جي علائقن اشدود، اشڪلان ۽ ٻين هنڌن تي ميزائلن سان حملا ڪيا جنهن جي ڪري ڪيتريون گاڏيون تباهه ٿي ويون.

حماس سرنگهن مان نڪري به اسرائيلي ٽينڪن تي راڪيٽن سان حملا  ڪري ڪيتريون ئي ٽينڪون تباهه ڪري ڇڏيون.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
14.9 ° C
14.9 °
14.9 °
32 %
2kmh
2 %
اربع
15 °
خميس
15 °
جمعو
15 °
ڇنڇر
15 °
آچر
15 °

تازه ترين خبرون