امريڪا چيو آھي تھ اسرائيل حماس جنگ ختم ٿيڻ بعد بھ اسرائيل فوج غزا ۾ رھندي ۽ سڪيورٽي معاملن جي نگراني ڪندي.
امريڪي صدر جو بائيڊن اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياھو سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو.
امريڪي صدر جوبائيڊن جنگبندي تي زور ڏيندي خاطري ڪرائي ان دوران حماس طرفان بھ ڪجھھ يرغمالين کي آزاد ڪيو ويندو .
امريڪي صدر جوبائيڊن اسرائيلي وزيراعظم کي ٻڌايو تھ سمورن يرغمالين جي سڃاڻپ جي تصديق لاءِ جنگ ۾ 3 ڏينھن وقفو ڪيو وڃي جنھن بعد يرغمالين جي نالن جي فھرست فراھم ڪئي ويندي .
وائيٽ ھائوس اختيارين جو چوڻ آھي تھ اسرائيلي فوج غزا ۾ ويڙھھ جي خاتمي بعد بھ غزھ ۾ سڪيورتي معاملا سنڀالڻ لاءِ موجود رھندي، امريڪا وٽ في الحال غزا جي مستقبل جو ڪو حتمي حل نھ آھي.
اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياھو جو چوڻ ھو تھ حماس تي ڀروسو نھ آھي، ان ڳالھھ تي بھ يقين نھ آھي تھ حماس يرغمالين جي حوالي سان ڪو معاھدي تي راضي ٿيڻ لاءِ تيار آھي يا معاھدي جي پاسداري ڪندو.
ٻئي پاس حماس يرغمال بڻايل 12 پرڏيھي شھرين کي آزاد ڪرڻ جو اشارو ڏيندي چيو تھ اسرائيل جي ھوائي ۽ ساموندي حملا يرغمالين جي آزادي ۾ رڪاوٽ بڻجي رھيا آھن……