سينيٽ ڪميٽي ۾بيان ڏيندي امريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن چيو آهي ته اسرائيل کي دفاع جو حق حاصل آهي، هنن اسرائيلي عملدارن تي زور ڏنو آهي ته عالمي جنگي ۽ انساني قانونن جي پابندي ڪئي وڃي.
سندس چوڻ هو ته هن چيو ته شهرين جي جاني نقصان کان بچڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن، غزه ۾ خوراڪ، پاڻي، دوائن ۽ ٻارڻ جهڙين بنيادي سهولتون زندگي ۽ موت جو معاملو آهن، غزه ۾ 10 لک کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿيا جن مان اڌ جي سار سنڀال يو اينڊ بليو اي ڪري رهيو آهي.
هن چيو ته آمريڪا اسرائيل، مصر ۽ گڏيل قومن سان گڏجي غزه تائين امداد پهچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته هو ڪوششون ڪري رهيا آهن ته غزه تائين پهچندڙ امداد حماس جي هٿ نه اچي. اهڙو نظام جوڙيو آهي جو اسرائيلي حڪومت جي جاچ پڙتال کانپوءِ ئي رفع مان امداد غزه پهچي رهي آهي.
آمريڪي پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته غزه ويندڙ هر امدادي ٽرڪ جي اسرائيلي ۽ مصري اختياريون تصديق ڪنديون آهن، آمريڪي پرڏيهي وزير چيو ته غزه ڏانهن هر امدادي ٽرڪ اسرائيلي ۽ مصري اختيارين کان تصديق ٿيل آهي، اهي گڏيل قومن جون ٽرڪون آهن، جيڪي گڏيل قومن جي ايجنسين ذريعي مختلف هنڌن تي امداد پهچائين ٿيون..