ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد، اليڪشن ڪميشن جي درخواست تي توشاخانه فوجداري ڪارروائي بابت ڪيس جي ٻڌڻي بنا ڪارروائي جي ملتوي ڪري ڇڏي.
ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد ۾ ايڊيشنل سيشن جج همايون دلاور توشاخانه فوجداري ڪارروائي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران تحريڪ انصاف جو وڪيل فيصل چوڌري عدالت ۾ پيش ٿيو.
عدالت خواجا حارث جي پيش نه ٿيڻ سبب ٻڌڻي 5 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي درخواست ٻڌڻ جوڳي هئڻ بابت دليل طلب ڪري ورتا………