اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان خلاف توشه خانه ڪيس جي جلد ٻڌڻي لاءِ اليڪشن ڪميشن جي درخواست رد ڪري ڇڏي.
عدالت توشا خاناڪيس بابت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي جلد ٻڌڻي واري اليڪشن ڪميشن جي درخواست رد ڪري ڇڏي.
ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال اليڪشن ڪميشن جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي عمران خان جي وڪيلن کان پڇاڻو ڪيو ته توشه خانه ڪيس جي جلد ٻڌڻي جي درخواست تي اوهان جو ڇا چوڻ آهي؟.
عمران خان جي وڪيل فيصل چوڌري چيو ته 29 اپريل تي اليڪشن ڪميشن جي مرضي موجب ٻڌڻي ڪئي وئي، 2 ڏينهن کانپوءِ اليڪشن ڪميشن کي خيال آيو ته جلد تاريخ مقرر ڪئي وڃي.
عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ اليڪشن ڪميشن جي تڪڙي ٻڌڻي واري درخواست خارج ڪري ڇڏي.
عدالت توشا خانا ڪيس جي ٻڌڻي 29 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.