اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عيدالفطر جي موڪلن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي نه هيسائڻ جو حڪم ڏيندي درخواست تي حڪومت کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي عيد دوران گرفتاري روڪڻ ۽ ڪيسن جا تفصيل ڏيڻ جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.
پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان طرفان ايڊووڪيٽ فيصل چوڌري عدالت ۾ پيش ٿيو.
عمران خان جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته سراج الحق زمان پارڪ آيو ڳالهين جي سٺي ڪوشش ڪئي ته ٻئي ڏينهن صبح جو سنڌ جي صدر علي زيدي کي کنيو ويو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته ان واقعي مان ظاهر آهي هڪ ”بيڊ ٽيسٽ“ پيدا ٿيو.
وڪيل فيصل چوڌري چيو ته خدشو آهي ته عيد جي پنجن موڪلن ۾ ٻيهر آپريشن ڪندا.
چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته هو ڪيسن جا تفصيل طلب ڪري سگهي ٿو، هو ڪو ٻيو خالي آرڊر ڪيئن ڪري؟.
عدالت عيد جي موڪلن دوران عمران خان کي نه هيسائڻ جو حڪم ڏيندي سندس درخواست تي حڪومت کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو.
عدالت وفاق ۽ پوليس کان 27 اپريل تائين عمران خان خلاف ڪيسن جا تفصيل گهري ورتا.