اسلام ڪوٽ ۾ ٿرڪول بلاڪ ون جي وي آءِ پي گيٽ اڳيان ڌرڻو هڻندڙن 39ڄڻن خلاف پوليس ڪيس داخل ڪري 14 ڄڻا کي گرفتار ڪري ورتو، عدالت پاران 39 ڄڻن جي ضمانت منظور ڪئي وئي آھي.
ٿرڪول بلاڪ ون جي وي آءِ پي گيٽ اڳيان ڌرڻو هڻندڙن 39 ڄڻن خلاف پوليس ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.
پوليس مظاهرو ڪندڙن کي ڪمپني ايڊمن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ ٿاڻي تي گهرائي مٿن ڪيس داخل ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو.
مظاهرين جي گرفتاريءَ خلاف اسلام ڪوٽ ۾ شٽربند هڙتال ڪري مختلف هنڌن تي ڌرڻا هڻي پوليس مٿان پٿراءُ پڻ ڪيو ويو آهي.
عدالت پاران 39 ڄڻن جي ضمانت منظور ڪئي وئي آھي.