قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف، پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري جي الزام کي رد ڪري ڇڏيو آهي.
اسپيڪر آفيس جو چوڻ آهي ته ٺهراءَ تي ايوان اندر ئي ميمبرن کان صحيحون ڪرايون ويون.
اسپيڪر آفيس موجب، صحيحن جي جعلي هئڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، فواد چوڌري 8 ميمبرن جي صحي جعلي هئڻ جو رڪارڊ ثابت ڪري.
اسپيڪر آفيس جو چوڻ آهي ته فواد چوڌري اسپيڪر ۽ قومي اسيمبلي سيڪريٽري خلاف ڪيس داخل ڪرائي، فواد چوڌري ثبوت نه ڏنا ته قومي اسيمبلي سندس خلاف ڪارروائي ڪندي.