قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سنڌ هائيڪورٽ طرفان بحال ڪيل پي ٽي آءِ جي قومي اسيمبلي ميمبرن کي اجلاس ۾ شرڪت جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
سنڌ هائيڪورٽ جي حڪم تي ڪراچي مان بحال ٿيل پي ٽي آءِ جي ستن ميمبرن راجا پرويز اشرف سان سندس چيمبر ۾ ملاقات ڪئي ۽ اجلاس ۾ شرڪت جي اجازت گهري.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ميمبرن کي جواب ڏنو ته کين اڃا تائين عدالتي حڪم ناهي مليو، عدالت اليڪشن ڪميشن جو نوٽفڪيشن معطل ڪيو آهي، پر قومي اسيمبلي جا حڪم رد ناهن ڪيا.
هن چيو ته استعيفائون منظور ٿي چڪيون آهن، اجنبي کي ايوان ۾ اچڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي.
ملاقات ڪندڙن ۾ آفتاب صديقي، عالمگير خان، عطاءُ الله، سيف الرحمان ۽ اسلم خان شامل هئا.