اسڪاٽ لينڊ ۾ اي ٽي ايم مان پئسا ڪڍڻ واري نوجوان کي ڦريو ويو آهي، ڦورو ايترو بدحواس هو جو کيس اندازو ئي نه ٿي سگهيو ته هُو پنهنجي ئي پُٽ کي ڦر ڪري رهيو آهي.
هڪ ويب سائٽ جي خبر جي مطابق هي انوکو واقعو اسڪاٽ لينڊ جي شهر گلاسڪو ۾ پيش آيو آهي جتي 45 ورهين جي ڦورو اي ٽي ايم مان پئسا ڪڍرائڻ واري 17 سالن جي نوجوان کان ڦر ڪئي.
جڏهن ته نوجوان ڦورو جي شڪل ته نه ڏٺي پر آواز سڃاڻي ورتي ۽ بعد ۾ نوجوان حيران ٿي ويو ته ڦورو ڪو ٻيو نه پر سندس جو والد آهي.
جنهن بعد ڦورو پنهنجي پُٽ کي ڏسي حيران ٿي ويو ۽ معافي گهرندي کيس چيائين ته مان مجبور هُيس مون وٽ ڪو رستو نه هو.
پُٽ ڪجهه چوڻ جي بجاءِ گهر هليو ويو ۽ ان واقعي بابت فيملي کي ٻڌايو ۽ مشوري بعد پوليس کي اطلاع ڏني جنهن بعد جوابدار کي گهر مان گرفتار ڪيو ويو ۽ کيس 26 مهينا قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي.