پاڪستان جي اڳوڻي ڪرڪيٽر اظھر محمود چيو آھي تھ افغانستان ۽ نيوزيلينڊ دوري لاءِ پي سي بي انتظاميا کيس ھيڊ ڪوچ بڻائڻ چاھي پئي پر اوچتو ٻئي ڪوچ سان رابطو ڪري ورتو.
بيان ۾ اڳوڻي فاسٽ بالر چيو تھ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي رابطي ڪرڻ تي ڪوچنگ جي حامي ڀري ورتي ھئي، مصروفيتن سبب رڳو افغانستان سيريز لاءِ ڪوچنگ جي حامي ڀري ھئي.
ھن چيو تھ ھو ڪوچنگ ڪرڻ کان انڪار نھ ڪيو ھو، اھي رڳو افواھھ ھئا، ھو ان وقت ڪائونٽي ڪرڪيٽ ۾ سري جي ڪوچنگ ڪري رھيو ھو، ڪوچ لاءِ ضروري آھي تھ ھو ھر وقت ٽيم سان گڏ رھي.
اظھر محمود چيو تھ مکي آرٿر جو ڊربي شائر سان گڏ ٽن سالن جو ڪنٽريڪٽ آھي، مکي آرٿر ڄاڻي ٿو تھ پاڪستان ۾ ڪنھن وقت بھ حڪومت ۽ بورڊ تبديل ٿي سگھن ٿا، پاڪستان ڪرڪيٽ ۾ غيريقيني صورتحال رھندي آھي.
ھن چيو تھ کيس خبر ناھي تھ اھو طريقيڪار ڪيئن ھلندو، جيڪڏھن بورڊ اھڙي طرح خوش آھي تھ پوءِ ٺيڪ آھي.