تازه ترين

افغانستان ۾ آمريڪا جا ڇڏيل هٿيار ڪچي ۾ ڌاڙيلن وٽ پهچي ويا آهن: بلاول ڀٽو زرداري

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته افغانستان ۾ آمريڪا جا ڇڏيل هٿيار ڪچي ۾ ڌاڙيلن وٽ پهچي ويا آهن، آهن، پي ٽي آءِ چيئرمين جي دور ۾ دهشتگردن کي ٻيهر آڻڻ جو منصوبو ٺاهيو ويو، پاڪستان کي پراڻي طريقي سان هلائڻ وارو سلسلو بند ڪيو وڃي، جيڪي سياستدان غلط فيصلن ۾ ملوث آهن، انهن جو احتساب ٿيڻ گهرجي، ٿرڪول سنڌ ۾ آهي ته سستي بجلي صوبي جي ماڻهن کي ملڻ گهرجي.

بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصفه ڀٽو زرداري سکر ۾ صحافي جان محمد مهر جي پونيئرن سان تعزيت ڪئي ۽ کين انصاف جي خاطري ڪرائي.

ان موقعي تي ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جان محمد مهر جي قتل جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي، سندس  خاندان کي انصاف ڏياريو ويندو.

هن چيو ته ڪچي  ۾پوليس آفيسرن جان جا نذرانا پيش ڪيا، ڪچي جي ڌاڙيلن وٽ جديد هٿيار ڪٿان آيا؟ افغانستان ۾ آمريڪا جا ڇڏيل هٿيار ڪچي جي ڌاڙيلن وٽ پهچي چڪا آهن.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اندازو ٿئي ٿو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي پاليسي ڪيڏي خطرناڪ هئي، هن دهشتگردن لاءِ سرحدون کوليون ۽ کين ملڪ ۾ آباد ڪرڻ جو پلان ٺاهيون.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان جي هلائڻ وارو پراڻو طريقو ختم ڪيو وڃي.

پ پ چيئرمين چيو ته پاڪستاني سياستدانن کي اٺ پکي واري سياست جي عادت آهي، جيڪي سياستدان غلط فيصلن ۾ ملوث آهن، انهن جو احتساب ٿيڻ گهرجي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ ۾ 18-18 ڪلاڪ بجلي نه ٿي اچي پوءِ به ايڏا بل اچن ٿا، آءِ ايم ايف جي شرط تي بجلي مهانگي ضرور ٿي آهي، پر جتي بجلي ئي ناهي اتي ايڏا بل ڇو؟

پ پ چيئرمين چيو ته ٿرڪول سنڌ ۾ آهي ته سستي بجلي به سنڌ جي ماڻهن جو پهريون حق آهي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته چونڊن جي تاريخ جو اعلان اليڪشن ڪميشن جو اختيار آهي، سندس اعتراض شروع کان ئي اهو آهي ته ليول پليئنگ فيلڊ ڏني وڃي

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
121,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
2.2 ° C
2.2 °
2.2 °
19 %
1.7kmh
2 %
ڇنڇر
14 °
آچر
14 °
سُومر
14 °
اڱارو
11 °
اربع
10 °

تازه ترين خبرون