افغانستان ۾ ڏھاڪن جي جنگ بعد امريڪي فوج جي افغانستان مان واپسي ۽ طالبان ھٿان شڪست بابت وائٽ ھائوس جي رپورٽ ۾ جوبائڊن ۽ ٽرمپ انتظاميا ھڪ ٻئي کي ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو آھي.
پرڏيھي ميڊيا موجب، وائٽ ھائوس جي رپورٽ ۾ افغانستان مان فوجين جي واپسي واري فيصلي تي چيو ويو آھي تھ جيڪڏھن افغانستان ۾ وڌيڪ وقت ورتو وڃي ھا يا فنڊز ۾ واڌ ڪئي وڃي ھا تھ امريڪا ۾ سياسي ۽ حڪومتي حالتون تبديل ٿي وڃن ھا ۽ واپس وڃڻ کانسواءِ ڪو ٻيو رستو نھ بچي ھا.
امريڪي ڪانگريس کي موڪليل رپورٽ ۾ فوج جي واپس ٿيڻ جو ذميوار ٽرمپ جي پاليسين کي قرار ڏنو ويو آھي.
رپورٽ ۾ چيو ويو تھ صدر جوبائڊن جي انتظاميا جيڪو ڪجھھ ممڪن ھو اھو ڪيو پر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ طالبان وچ ۾ ٿيل امن معاھدي جي پابندي ڪرڻي ھئي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آھي تھ اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ فوج جي واپسي جي تاريخ ڏئي ڇڏي ھئي پر امريڪي فوج جي واپسي جو ڪنھن بھ سطح تي ڪو منصوبو نھ بڻايو ويو ھو جنھن جي نتيجي ۾ فوج حيرت ۾ وجھندڙ طريقي سان واپس نڪتي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آھي تھ افغان جنگ ۾ 20 کرب ڊالر خرچ ڪرڻ ۽ افغان فوج جي 3لک فوجين جي ڀرپور ٽريننگ باوجود طالبان آساني ۽ تيزي سان افغانستان جو ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو.
رپورٽ ۾ چيو ويو آھي تھ بنا مزاحمت جي طالبان جي حڪومت بڻجڻ سان امريڪي فوجين جي واپسي کي نھ پيو روڪي سگھجي، ڳجھي ايجنسي افغان فوج جي ان حد تائين ناڪامي جي اڳڪٿي نھ ڪئي ھئي.
ٻئي پاسي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وائٽ ھائوس جي رپورٽ کي رد ڪندي چيو آھي تھ افغانستان مان واپسي جي ذميواري جوبائڊن انتظاميا تي لاڳو ٿئي ٿي.
واضح رھي تھ امريڪا ۽ طالبان وچ ۾ 28 فيبري 2020ع تي تاريخي امن معاھدو طئي ٿيو ھو جنھن تحت پرڏيھي فوج جي واپسي جو محفوظ رستو ڏنو ويو ۽ طالبان افغان سرزمين کي ڪنھن ٻئي جي سلامتي خلاف استعمال ٿيڻ جي بھ ضمانت ڏني.
معاھدي جي نتيجي ۾طالبان افغانستان ۾ 2021 ۾ اقتدار سنڀاليو ۽ پرڏيھي فوجي افغانستان مان واپس ھليا ويا پر اڃا تائين ڪنھن ملڪ طالبان جي حڪومت کي نھ مڃيو آھي.